ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل يعني آءِ سي سي، اربع تي ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ دوران ڪوڊ آف ڪاندڪٽ جي خلف ورزي تي شهاين آفريدي، سعود شڪيل ۽ ڪامران غلام تي ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. پڌرائي موجب آفريدي تي ميچ جي 25 سيڪڙو فيس برابر جڏهن ته سعود ۽ ڪامران تي ميچ جي 10 سيڪڙو فيس جو ڏنڊ وڌو آهي. شاهين آفريدي مهمان ٽيم جي نوجوان بيٽر ميٿيو بريٽزڪي کي رن وٺڻ دوران روڪڻ جي ڪوشش ڪندي نامناسب طريقي سان باڊي ڪانٽيڪٽ ڪيو جڏهن تي رن آئوٽ ٿيڻ تي ڪپتان ٽيمبا بووامو جي اڳيان اچي نامناسب طريقي سان سيليبريٽ ڪيو هو.
