ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ڪرڪٽ اسٽار بوم بوم شاهد آفريدي جي گهر پنجين نياڻي پيدا ٿي آهي. جنهن جو نالو رکڻ لاءِ هن پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن ۽ مداحن کي نالو تجويز ڪرڻ لاءِ راءِ طلب ڪئي آهي.
هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ فيملي سان گڏ تصوير به جاري ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته منهنجي ڌيئرن جا نالا انگريزي لفظ اي سان آهن ۽ پنجين نياڻي جو نالو به اي سان تجويز ڪريو جيئن عجوا، اقصيٰ، اسمارا، انشا وغيره آهن. جيڪو نالو هو چونڊيندو ان جي تجويز ڏيندڙ کي هو انعام به ڏيندو. انعام جو تفصيل هن ناهي ڏنو. ياد رهي ته ڪرڪٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پِٽجندڙ يعني وڌيڪ رنز ڏيندڙ آفريدي کي اڳ ۾ 4 نياڻيون آهن ۽ پُٽ جي اولاد ناهي. هن جو چوڻ اهي ته الله تعاليٰ کيس پنجين نعمت عطا ڪئي آهي جنهن تي هو خوش آهي.