آلودگي وارن شهرن ۾ لاهور جو پهريون ۽ ملتان جو ٻيو نمبر

لاهور(ويب ڊيسڪ) دنيا جي آلودگي وارن شهرن جي لسٽ ۾ لاهور پهرين ۽ ملتان ٻئي نمبر تي آهي.لاهور کان ڪوٽ مومن تائين موٽر وي ايم 2 کي رات دير سان ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب بند ڪيو ويو آهي.لاهور سيالڪوٽ موٽر وي کي به بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايم 4، فيصل آباد کان ملتان ۽ ايم 5، ملتان کان سکر بند آهن.گوجرا ۾ سموگ سبب ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ماءُ ۽ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.ٻئي طرف پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هي مسئلو ڪنهن شهر يا صوبي جو نه پر سڄي پاڪستان ۽ علائقي جو انساني مسئلو بڻجي ويو آهي، شهرين کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو