آمريڪا، سميت 14 ملڪن مان 117 پاڪستانين کي نيڪالي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) آمريڪا، سينگاپور، ملائيشيا سميت 14 ملڪن مان وڌيڪ 117 پاڪستانين کي بيدخل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب گذريل 48 ڪلاڪن دوران آمريڪا، سينگاپور، قطر ۽ ملائيشيا سميت 14 مختلف ملڪن مان وڌيڪ 117 پاڪستانين کي بيدخل ڪيو ويو آهي.اميگريشن ذريعن موجب سعودي عرب مان بليڪ لسٽ اميگريشن مسئلن، منشيات، خيرات گهرڻ، ڪفيل کان سواءِ ڪم، پاسپورٽ گمشدگي، ڪم کان مفرور، معاهدي جي ڀڃڪڙي، آءِ بي ايم ايس ۾ نالي سميت مختلف الزامن تي 54 کي ڊي پورٽ ڪيو ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته آمريڪا کان ايمرجنسي دستاويزن تي هڪ بنگلاديشي بليڪ لسٽ، هڪ سينگاپور اميگريشن کان هڪ بحرين کان ويزا ملتوي، هڪ ٿائيلينڊ اميگريشن کان ورڪ پرمنٽ کان سواءِ ڪم تي 2 جڏهن ته ملائيشيا اميگريشن کان 3 پاڪستانين کي پابندي مڙهيل مسافر قرار ڏئي واپس ڪيو ويو.اميگريشن ذريعن موجب امارات مان جيل مان ڪڍيل مفرور چوري، غيرقانوني داخلا ۽ ڪم ڪرڻ سميت مختلف الزامن تي 29 کي ڊي پورٽ ڪيو ويو جڏهن ته عراق کان ڊي پورٽ 1 کي مفرور ٿيڻ تي لاڙڪاڻي پوليس جي حوالي ڪيو ويو.عمان ۾ آجر جي شڪايت ۽ غيرقانوني طور تي ڪم ڪندڙ 4، قطر ۾ اميگريشن تي انٽري کان انڪار، معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ تمباڪو وڪرو ڪرڻ تي 6، جڏهن ته مراڪش ۾ غيرقانوني ترسڻ تي 4 پاڪستان کي واپس اماڻيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو