آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار واپس وٺي ته امن بحال ٿيندو

اسلام آ باد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار واپس وٺي ته امن بحال ٿيندو، افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار خط ۾ امن جي صورتحال لاءِ سنگين خطرو آهن، افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي، طورخم سرحد افغان فورسز طرفان تڪراري علائقي ۾ چوڪيون قائم ٿيڻ سبب بند ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته پاڪستان اسرائيل طرفان غزا ۾ امداد بند ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو، اهو قدم عالمي قانون ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.هن 5 مارچ تي ڀارتي پرڏيهي وزير جي ڪشمير بابت بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جا خدشا اقتصادي بحالي ذريعي حل نٿو ڪري سگهجن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائڻ موجب ضروري آهي، آزاد ڪشمير سان لاڳاپيل ڀارتي بيانن ۾ تيزي اچي رهي آهي جيڪا ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي. سندس چوڻ هو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي عرب روانو ٿي چڪو آهي، جتي هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، اجلاس ۾ فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن ۽ غزا جي ماڻهن جي جبري بيدخلي خلاف حڪمت عملي جوڙي ويندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار فون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ افغانستان ۾ رهجي ويل هٿيارن واري معاملي تي ڳالهيون ٿيون. شفقت علي خان چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي ۽ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون ڪامياب رهيون آهن، پاڪستان دهشتگرد شريف الله خلاف آمريڪا سان سهڪار ڪيو جيڪو عمل دهشتگردي خلاف ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب داعش جي دهشتگرد کي آمريڪا حوالي ڪيو، دهشتگرد ٽولن جا افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪ آهن، آمريڪا سان سڪيورٽي ۽ انٽيليجنس سهڪار جاري آهي. شفقت علي خان چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار واپس وٺي ته امن بحال ٿيندو، افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار خطي ۾ امن جي صورتحال لاءِ سنگين خطرو آهن، افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو