آمريڪا ايران خلاف ڪا بيوقوفي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏبو: خامنه اي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف ڪا به بيوقوفانه ڪارروائي ڪئي ته ان کي مناسب جواب ڏنو ويندو. تهران ۾ جمعي جي اجتماع کي خطاب ڪندي آيت الله خامنه اي چيو ته آمريڪين کي خبر هجڻ گهرجي ته اهي ايران کي ڌمڪيون ڏئي ڪجهه به حاصل نه ڪندا. هن چيو ته آمريڪي ۽ يورپي ملڪ خطي ۾ نوآبادياتي طاقتن جي مزاحمت ڪندڙ تنظيمن کي ايران جي پراڪسي سڏي انهن جي توهين ڪن ٿا. ايران کي ڪنهن به پراڪسي جي ضرورت ناهي. سپريم ليڊر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف ڪا به بيوقوفانه ڪارروائي ڪندو ته ان کي مناسب جواب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو