آمريڪا جي ايران کي نئين ايٽمي معاهدي لاءِ 2 مهينن جي مهلت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي موڪليل خط ۾ ايران کي نئين ايٽمي معاهدي لاءِ 2 مهينن جي ڊيڊ لائن ڏني آهي.آمريڪي ميڊيا جو دعويٰ آهي ته خط ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ نئين ايٽمي ڳالهين جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.آمريڪا تهران کي ڌمڪي به ڏني آهي ته جيڪڏهن اهو پنهنجو ايٽمي پروگرام جاري رکي ٿو ته ان جا نتيجا نڪرندا.ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن مهيني جي شروعات ۾ ايراني قيادت کي هڪ خط موڪليو هو.ذريعن موجب، وائيٽ هائوس اسرائيل، يو اي اي ۽ سعودي عرب کي خط جي مواد کان پڻ آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو