آمريڪا پاڪستان ۾ پنهنجي شهرين لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آمريڪا پاڪستان ۾ پنهنجي شهرين جي لاءِ ٽريول ايڊوائزري جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته هو خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي سفر کان پاسو ڪن. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيورو آف قونصلر افيئرز طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ انتها پسند گروپن حملن جون سازشون جاري رکيون آهن. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگرد حملا معمول بڻيل آهن. ايڊوائزري موجب دهشتگردي جي تازي لهر ۾ شهرين فوج ۽ پوليس کي انڌاڌنڌ حملن جو نشانو بنايو ويو آهي، دهشتگرد ماضي ۾ آمريڪي سفارتڪارن ۽ سفارتي هنڌن کي نشانو بنائي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو