ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان آمريڪي ۽ اسرائيلي دهشتگردي خلاف جمعي تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ۽ سڀني پاڪستانين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي احتجاج ۾ شرڪت کي يقيني بڻائين.حافظ نعيم الرحمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي سرپرستي هيٺ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلمن خلاف جمعي تي ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو.هن چيو ته صيهوني غزه ۾ انساني تاريخ جي بدترين فاشزم جو ارتکاب ڪيو آهي. غزه ۾ 48 هزار فلسطيني شهيد ٿيا آهن، جن ۾ وڏو انگ ٻار ۽ عورتون آهن. هزارين ماڻهو ملبي هيٺان دفن ٿيل آهن. زخمين جو تعداد ڪيترائي لک آهي. غزه ۾ کاڌي ۽ دوائن جو سخت بحران آهي.هن چيو ته جمعي ڏينهن احتجاج دوران ملڪ جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ سڀني پاڪستانين کي هن احتجاج ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
