آمريڪا ۽ اسرائيل ڪا شرارت ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سومر ڏينهن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي تي عمل ڪندي ايران تي حملو ڪيو ويو ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو. خابرو ايجنسي رائٽرز موجب، آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته، “آمريڪا ۽ اسرائيل جي هميشه کان اسان سان دشمني رهي آهي. هو اسان کي حملن جون ڌمڪيون ڏين ٿا، جيڪي اسان کي گهڻو ممڪن نظر نٿيون اچن، پر جيڪڏهن انهن ڪا شرارت ڪئي ته انهن کي يقيناً ڀرپور جواب ڏنو ويندو.” سي بي ايس نيوز موجب، آچر ڏينهن اين بي سي نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته، “جيڪڏهن ايراني عملدار معاهدو نه ڪندا ته پوءِ بمباري ٿيندي، ۽ اهڙي بمباري ٿيندي جيڪا انهن اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي.” ياد رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ خط لکي ايران کي نيوڪليئر تي ڊيل ڪرڻ جو چيو هو ۽ ڌمڪي ڏني هئي ته ايئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايران خلاف فوجي ڪاروائي ٿيندي. خط ۾ تهران کي فيصلو ڪرڻ لاءِ ٻه مهينن جو وقت ڏنو ويو هو. ڊونلڊ ٽرمپ فاڪس نيوز کي ٻڌايو هو ته هن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي خط لکي مذاڪرات جي دعوت ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو