آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار

هيوسٽن(اسپيشل رپورٽ) آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم، سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا يعني ’سانا‘ جا نوان عهديدا چونڊي ويا آهن. صدر جي عهدي تي مقبول هاليپوٽو 1227 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس مقابلي جي اميدوار مشهود قاضي کي 572 ووٽ مليا. جنرل سيڪريٽري لاءِ اسد شيخ 997 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سندس مخالف اميدوار مشتاق راڄپر کي 869 ووٽ مليا. نائب صدر آمريڪا جي عهدي تي 569 ووٽ کڻي اصغر پٺاڻ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سندس مخالف اميدوار لياقت عثمان پنهور کي 522 ووٽ مليا. نائب صدر ڪئناڊا جي عهدي تي نقيب موسوي 396 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سندس مخالف اميدوار راهول ڀيماڻي 294 ووٽ کنيا. عورتن جي سيٽ تي نائب صدر لاءِ شاهدا شيخ 985 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي ۽ سندس مقابلي ۾ نيلوفر خميساڻي کي 820 ووٽ مليا. ايڊيشنل جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي علي خاصخيلي 1147 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سندس مخالف اميدوار نديم ڀنگر کي 633 ووٽ مليا. فنانس سيڪريٽري جي عهدي تي آڪاش ڪيول رام 913 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سندس مخالف اميدوار اعجاز الحق کي 884 ووٽ مليا. اطلاعات سيڪريٽري جي عهدي تي حبيب ميمڻ 902 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سند مخالف اميدوار نعمان رستم شيخ کي 894 ووٽ مليا. ياد رهي ته سانا جا عهديدار ٻن سالن جي مدت لاءِ چونڊيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو