آمريڪا ۾ ڪورونا جي وبا ختم ٿي وئي آهي: صدر جو بائيڊن

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جوزف بائيڊن ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پر وائرس سبب فوت ٿيندڙ آمريڪين جو انگ وڌي رهيو آهي.هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ اڃا به محنت ڪري رهيو آهي. صورتحال تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي پر اسان وٽ اڃا به مسئلا آهن.انٽرويو دوران آمريڪي صدر ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان نوٽيس ڪيو ته ڪنهن به منهن تي نقاب نه لڳايو آهي، هرڪو سٺو لڳندو آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته شيون تبديل ٿي رهيون آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب انتظاميه جي عملدارن آمريڪي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته صدر بائيڊن جو بيان ڪورونا بابت پاليسي ۾ تبديلي جو اشارو نٿو ڏئي، جڏهن ته ڪووڊ 19 پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي ختم ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو