واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2021 ۾ ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي ماسٽر مائينڊ، داعش جي وڏي دهشتگرد جي گرفتاري جو اعلان ڪيو آهي. هن اڱاري تي ڪانگريس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي مدد سان گرفتار ڪيل دهشتگرد آمريڪي پهچي رهيو آهي جنهن جو هتي ٽرائل ڪيو ويندو. هن پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ گرفتار دهشتگرد بابت وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا. 26 آگسٽ 2021 ۾ تڪڙ ۾آمريڪي فوج جي افغانستان ڇڏڻ وقت داعش ڪابل هوائي اڏي تي ٻه خود ڪش حملا ڪيا هئا جنهن ۾ 13 آمريڪي فوجي ۽ 170 افغان شهري مارجي ويا هئا. ٻئي پاسي سي اين اين وائيٽ هائوس جي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته محمد شريف الله عرف جعفر نالي دهشتگرد کي آمريڪا آندو پيو وڃي. سندس گرفتاري سي آءِ اي پاران ڏنل معلومات مطابق پاڪستان ڪاروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو آهي. سي اين اين موجب صدر ٽرمپ پاران مقرر ڪيل سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف چارج سنڀالڻ بعد پاڪستان جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان فون تي پهرين ڳالهه ٻولهه دوران اها معلومات شيئر ڪئي هئي.
