اسلام آباد (بيورو رپورٽ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام بابت پي ٽي آءِ ۽ ٻين جا خدشا ختم ڪنداسين، ووٽ بينڪ خاطر آپريشن جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، آپريشن بابت ايوان کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو، اپوزيشن ۽ اتحادي جماعتن کي بحث جو موقعو ڏنو ويندو،دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته آپريشن عزم استحڪام خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان صوبي ۾ ڪيو ويندو، دهشتگرديءَ کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اها لهر ٻين صوبن تائين به پکڙجي ويندي، عدليه قومي سلامتي بابت سپورٽ نه ڪئي ته آپريشن اڻ اثرائتو ٿي ويندوهن چيو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آپريشن جي ڪا به مخالفت نه ڪئي، علي وزير ۽ محسن داوڙ آپريشن جي ڀرپور مخالفت ڪئي، گذريل آپريشنز جيان هيل آبادين کي خالي نه ڪرايو ويندو، خواجا آصف چيو ته آپريشن دوران انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيون ڪيون وينديون، آپريشن جا ڪي به سياسي ارادا نه آهن، آپريشن جو مقصد دهشتگرديءَ جو خاتمو آڻڻو آهي، ماضيءَ ۾ 5 کان 6 هزار دهشتگردن کي گهرائي آباد ڪيو ويو، ان کانپوءِ دهشتگرديءَ ۾ اضافو ٿيو آهي
شھيد مير مرتضى ڀٽي جو قتل ڪيس رولڙي جو شڪار
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي