اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي فورسز جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيون آهن، بلوچستان ۽ ڪي پي جي ترقي ملڪي ترقي جي لازمي شرط آهي، امن قائم ٿيڻ کانپوءِ ئي سياسي ميدان سجندو ۽ سياست به ٿيندي. ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بلوچستان جي امن امان جي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ، وفاقي وزير اويس لغاري، گورنر بلوچستان شيخ جعفر خان مندوخيل، وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي صوبي جي امن امان جي صورتحال، ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي ۽ ٻين صوبائي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، دهشتگرد نٿا چاهن ته صوبي جا ماڻهو خوشحال، نوجوان تعليم يافته ۽ روزگار سان هجن. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو،وزيراعظم شهباز شريف سي ايم ايڇ ڪوئيٽا پهچي قلات ۽ بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي زخمي ٿيل سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي عيادت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف زخمين سان ڳالهائيندي سندن ملڪ خاطر قرباني جي جذبي ۽ وطن جي حفاظت جي عزم جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوهان سڀ قوم جا هيرو آهيو، هن سميت سڄي قوم کي اوهان ۽ قرباني جي جذبي سان سرشار اوهان جي گهرڀاتين تي فخر آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين قوم جو تحفظ اهڙن بهادر جوانن حوالي آهي، دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. هن چيو ته دهشت ۽ وڳوڙ جو ماحول پيدا ڪندڙ عنصر بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صوبي جي عوام جي حفاظت لاءِ سڪيورٽي فورسز ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن، بلوچستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو. ڪوئيٽا ايئر پورٽ تي گورنر بلوچستان شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي وزيراعظم شهباز شريف جو آڌرڀاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، وفاقي وزير اويس لغاري ۽ ٻيا به وزيراعظم سان گڏ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو