اتر وزيرستان: گهر ۾ ڌماڪو، 2 ٻارڙا مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ هڪ گهر ۾ بارودي مواد جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا. پوليس موجب اتر وزيرستان جي علائقي تبي ۾ هڪ گهر ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي.پوليس موجب حادثي ۾ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ مڙس ۽ زال زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ڌماڪو ڪيئن ٿيو، جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٻئي طرف چارسده جي علائقي اخون ديري ۾ مبينا آپگهاتي بمبار آپگهاتي ڌماڪو ڪيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا.پوليس موجب مبينا حملي آور موٽرسائيڪل تي سوار هو.

پهنجو تبصرو موڪليو