اتر وزيرستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ناڪام، 6 خوارج مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ افغان سرحد ويجهو اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي 6 خوارج کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 6 زخمي پڻ ٿي پيا.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز اسپن وام ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران خوارج جي ٺڪاڻن جي ڳولا ڪئي وئي، مارجي ويل خوارج وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته مارجي ويل خوارج سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو