اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي گڏيل قومن جي ڪجهه ماهرن جي بيان کي هڪ طرفو ۽ غير تصديق ٿيل ميڊيا رپورٽن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو، دهشتگرد حملن ۾ شهرين جي فوتگين کي گهٽ ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شرپسند عنصر جي ڏوهن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته عوامي بيانن ۾ حقيقتن جي درستگي ۽ مڪمل پسمنظر کي سامهون رکڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هوته گڏيل قومن جي ڪجهه ماهرن جا تبصرا غير متوازن آهن، دهشتگرد حملن ۾ شهرين جي فوتگين گهٽ ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شرپسند عناصر ڄاڻي واڻي عوامي خدمتن ۾ خلل وجهي رهيا آهن ۽ ماڻهن جي آزاداڻي چر پر ۾ رنڊڪون کڙيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته شرپسند عنصرن جا ڏوهه ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون نظرانداز نٿيون ڪري سگهجن، احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردن سان ڳٺ جوڙ ثابت ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته رياستي قدمن کي روڪڻ لاءِ منظم رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، جڏهن ته دهشتگردن جي مدد لاءِ روڊن جي بندش ۽ ٻيون تباهه ڪندڙ ڪارروايون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪوئيٽا جي ڊسٽرڪٽ اسپتال تي حملو ۽ پنج دهشتگردن جا لاش زبردستي قبضي ۾ وٺڻ شرپسندن ۽ دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ جو ثبوت آهي. هن چيو ته پوليس انهن مان ٽي لاش واپس حاصل ڪري ورتا آهن ۽ قانون جي حڪمراني کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. ترجمان موجب، عالمي قانون ڪنهن به فرد يا گروهه کي انساني حقن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين، جڏهن ته رياستن کي شهري تحفظ ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. شفقت علي خان جو چوڻ هو ته خاص طور تي دهشتگردي کان متاثر علائقن ۾ حڪومت عوام جي جاني ۽ مالي تحفظ جي ذميواري پوري ڪندي. هن چيو ته پاڪستان سڀني شهرين جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي قائم آهي، دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن لاءِ ڪا به رعايت يا معافي جي گنجائش ناهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جا سمورا قدم عالمي قانونن سان مڪمل هڪجهڙائي رکن ٿا، هر شهري کي آئيني حقن تحت قانوني ڪارروائي جو مڪمل اختيار حاصل آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي خاص نمائندن سان تعميري ڳالهين لاءِ تيار آهي.
