فوڊ ۾ڪرپشن، ملازمن ۽ ملز مالڪن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

سکر (جيرام داس ) سرڪاري ڪڻڪ ۾ ڪروڙين رُپين جون گهوٻيون هڻندڙ خوراڪ کاتي خيرپور جي آفيسرن ۽ فلورز ملز مالڪن کي سزائون ملي ويون آهن. سکر جي احتساب عدالت خوراڪ کاتو خيرپور ۾ سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻيون هڻن واري ڪيس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڊي ايف سي نجيب الدين ناريجو ۽ فوڊ انسپيڪٽر رياض ميمڻ کي 6-6 سال قيد جي سزا ٻڌائي ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته مٿن 10-10 لک رُپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي. احتساب عدالت ساڳئي ڪيس ۾ گهوٻين ۽ ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن فلور ملز مالڪ شهنيل گل شيخ، ذيشان شيخ ۽ محمد وقاص کي 10-10 سال قيد جي به سزا ٻڌائي آهي. عدالتي فيصلي کانپوءِ سمورن جوابدارن کي هٿڪڙيون لڳائي جيل منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سال 2018ع ۾ خوراڪ کاتي خيرپور ۾ سرڪاري ڪڻڪ جي مد ۾ 17 ڪروڙ 20 لک رُپيا ڪرپشن جو ريفرنس داخل ٿيو، نيب مٿي ڄاڻايل آفيسرز کي جوابدار نامزد ڪندي چيو هو ته سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻيون هڻن واري ڏوهه ۾ ملوث آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو