احمد آباد ۾ ميچ لاءِ تيار آهيون، رضوان

احمد آباد (ويب ڊيسڪ)وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جو چوڻ آهي ته احمد آباد ۾ ڀارت خلاف ميچ لاءِ تيار آهيون، اميد آهي ته ڀارت به تيار هوندو.پنهنجي بيان ۾ رضوان چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت اچڻ کان اڳ هن اڳوڻي ڪپتان سعيد انور سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين چيو ته سعيد انور کيس پچ بدران پنهنجي پلان تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏنو.ٻئي طرف اوپنر عبدالله شفيق چيو ته ٻه وڪيٽون گرڻ کانپوءِ دٻاءُ هوندو هو پر محمد رضوان پارٽنرشپ ٺاهڻ جي رٿابندي ڪئي ۽ پوءِ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو