ادارن کي صرف اليڪٽرڪ بائيڪ خريد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي واڌاري لاءِ نومبر تائين جامع مالياتي ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي واڌاري لاءِ ترجيحي قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان درآمدات جي مد ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿيندي برقي گاڏيون به ماحول دوست هوندا.شهباز شريف اليڪٽرڪ گاڏين بابت جامع مالياتي ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي وفاقي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ سان صلاح مشورا ڪرڻ جي هدايت ڪندي نيشنل اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي نومبر ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ گاڏين جي پيداوار بابت لائسنس جي ريگيوليشن کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اي گاڏين جي پاليسي تي سمورن صوبن، وفاقي يونٽن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي وڃي.هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۾ اليڪٽرڪ سائيڪلون ورهايون وينديون ۽ مستقبل ۾ وفاقي حڪومت جا سمورا ادارا صرف اليڪٽرڪ سائيڪلون خريد ڪندا.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف سي ڊي اي کي اسلام آباد ۾ اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ بابت پلان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو