دوحا(ويب ڊيسڪ)فيفا ورلڊ ڪپ 2022 جي پهرئين سيمي فائنل ۾ ليونل ميسي جي ارجنٽائن ڪروشيا کي 3-0 تان شڪست ڏئي ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. لوصيل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي پهرئين هاف ۾ ارجنٽائن جي ڪپتان ليونل ميسي 34 هين منٽ ۾ پلينٽي ڪڪ تي گول ڪري ٽم کي برتري ڏياري. جنهن بعد جولين الواريز 39هين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪئي. ليونل ميسي جو ورلڊ ڪپ فٽبال ۾ 11 هون گول هو، جيڪو هاڻي ارجنٽائن ۽ ميسي لاءِ هڪ رڪارڊ بڻجي ويو آهي. پهرين هاف جي پڄاڻي تائين ارجنٽائن جي برتري 0-2 هئي. ٻئي هاف ۾ ڪروشيا گول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي نه ملي. ارجنٽائن جي جولين الواريز 69 هين منٽ ۾ ٻيو ۽ پنهنجي ٽيم جو ٽيون گول ڪيو. ڪروشيا جي ٽيم ڪوششن باوجود گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اهڙي طرح ارجنٽائن ڪروشيا کي هڪ طرفي مقابلي ۾ شڪست ڏئي 2022 فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو. ياد رهي ته ارجنٽائن ٻه ڀيرا 1976ع ۽ 1986ع ۾ فٽبال ورلڊ ڪپ جو چيمپيئن رهي چڪو آهي. هن ڀيري فائنل ۾ سندن ڪاميابي هيٽ ٽرڪ هوندي.
ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي:خاقان عباسي
ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور
پ پ 15 سالن کان آهي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي
فوجي ٺڪاڻن تي حملو ٿيندو ته ٽرائل فوجي عدالتون ڪنديون: حڪومت
آرمي چيف پاران مسيحي برادري کي تهوار جي مبارڪباد پيش
ٽنڊي مستي ۾ روڊ حادثو، ٿڃ پياڪ ٻارڙي فوت، 3 زخمي
ناسا جو پارڪر مشن سج جي تمام ويجهو وڃڻ ۾ ڪامياب
فورسز جو ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، 13 خوارج مارجي ويا
قازقستان ۾ مسافرن سان ڀريل آذربائيجان جو جهاز ڪري تباهه
گيس جي پيداوار ۾ گهٽتائي، 4 مهينن ۾ 53 ارب رپين جو نقصان
صدر ۽ نواز معاشي استحڪام جي ڪوششن ۾ آهن: وڏو وزير
شهدادپور ۾ چوري ايندڙ چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ، 1 ڄڻو قتل، 2 زخمي
پي ٽي آءِ قيادت کي سول نافرماني تحريڪ جاري رکڻ جي هدايت
پارا چنار ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 100 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت
ڪميٽي مڪمل بااختيار آهي پر فيصلا پي ٽي آءِ باني کي ڪرڻا آهن
عامر خان پنهنجي خراب عادتن بابت ٻڌائي ڇڏيو
جسٽس منصور جي انتظامي جج ٿيڻ جي معذرت
پ پ اهم اتحادي آهي ۽ ڊجيٽل رائيٽس بل جي آجيان ڪندي
قائد جو جنم ڏهاڙو،گارڊز تبديلي،قومي قيادت پاران خراج پيش
دنيا ۾ ڪرسمس جون ملهائي پئي وڃي،صدر سميت قيادت پاران پيغام