ارجنٽينا ڪوپا آمريڪا فٽبال ڪپ کٽي ورتو

ريو ڊيجنريو (ويب ڊيسڪ)ارجنٽينا ڪوپا آمريڪا فٽبال ڪپ ۾ ميزبان برازيل کي زيرو جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتي. 34 سالن جي ليونل ميسي جي قومي ٽيم سان اها تما وڏي ڪاميابي آهي. ميچ جو فيصلائتو گول اينجل ي ماريا راند جي 22 هين منٽ ۾ ڪيو. هي ڪپ سدائين ميزبان برازيل کٽندي هئي گذريل 2500 ڏينهن کان اهو رڪارڊ وٽن هو. ارجنٽينا 1993 ۾ ايڪواڊور کيڏيل هي ڪپ کٽڻ بعد هاڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

Screen shot

پهنجو تبصرو موڪليو