انقره(ويب ڊيسڪ) رجب طيب اردوان مسلسل ٽئين مدي لاءِ ترڪي جي صدر طور حلف کڻي ورتو.ترڪ ميڊيا موجب، گرانڊ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر طيب اردوان کان ترڪي جي صدر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سميت 21 ملڪن جي سربراهن ۽ 13 وزيراعظمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ترڪ صدر طيب اردوان چيو ته آئين، قانون ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندس، پنهنجا فرض ۽ ذميواريون بهترين طريقي سان ادا ڪندس.ترڪ ميڊيا موجب صدر اردوان اڄ رات پنهنجي ڪابينا جو اعلان ڪندو ۽ حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي ڊنر پڻ ڏيندو.
