اردگان جو ٽرمپ سان رابطو،روس يوڪرين جنگ خاتمي لاءِ آمريڪي قدمن جي حمايت

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ سندس آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آچر تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترڪ صدارتي آفيس موجب، صدر اردوان روس-يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جي قدمن جي حمايت ڪئي. صدر اردگان شام ۾ استحڪام لاءِ آمريڪا ۽ ترڪيءَ جي گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ آمريڪا کان ايف-16 جهازن جي خريداري کي حتمي شڪل ڏيڻ به ضروري قرار ڏنو.ٻئي پاسي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۾ هن هفتي ٽيلفونڪ رابطو ٿي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ روس-يوڪرين جنگ جي خاتمي ۾ حقيقي اڳڀرائي جي اميد آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ جي نمائندي اسٽيور وٽڪوف مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل هفتي روسي صدر سان ملاقات هاڪاري رهي، يوڪرين ۽ روس وچ ۾ اختلاف گهٽجڻ لڳا آهن، جڏهن ته صدر پيوٽن ٽرمپ جي طريقيڪار سان اتفاق ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ روس-يوڪرين جنگ جو خاتمو چاهي ٿو، آمريڪي ڳالهيون ڪندڙ ٽيم هن هفتي يوڪرين ۽ روسي وفدن سان ملاقات ڪندي. ياد رهي ته آمريڪي خاص نمائندي اسٽيور وٽڪوف گذريل هفتي ماسڪو ۾ روسي صدر پيوٽن سان ملاقات ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو