ارسا ايڪٽ رد،سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو قبول ناهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، صوبي جي پاڻي تي پنهنجي حياتي به قربان ڪنداسين، سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته آبي معاهدي جي 1994 کان ڀڃڪڙي شروع ڪئي وئي. سنڌ جو مطالبو آهي ته ڪوٽڙي جي هيٺ کان وهندڙ پاڻي طئي ڪري ڏنو وڃي. اسان کي چيو ويو ته ماهر ويهارينداسين جيڪي اهو طئي ڪندا ته ڪيترو پاڻي ڏيڻ گهرجي پر اڃان تائين انهي تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي.هن چيو ته چشمه جهلم لنڪ ڪيئنال کي کوليو ويو، انهي وقت نوازشريف پنجاب جي گورنر جو ايڊوائيزر هو. پ پ اڳواڻ چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪريون ٿا، 2 وڌيڪ ڪينال ٺهيا ته سنڌ لاءِ پاڻي نه بچندو. جڏهن درياءَ ۾ پاڻي ئي ناهي ته پوءِ ڪئنال ڪيئن ٺهندا.نثار کهڙو واضح اعلان ڪندي چيو ته اهو منصوبو اسان کي قبول ناهي، پاڻي تي سنڌ جا ماڻهو پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيندا، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ترقياتي منصوبا هڪ طرفا نه هجڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو