ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر پنجاب مان مقرر ڪرڻ ۽ ارسا پاران چولستان ۽ ٿل ڪئنال 2 لاء پاڻي جي موجودگي بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ سميت چولستان ۽ ٿل ڪئنال 2 جي رٿائن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت داخل درخواست تي وفاق، ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري 7 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.عدالت اهڙو حڪم سنڌ جي ھڪ زميندار قربان ميتلو جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواست ۾ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواستگذار جو وڪيل بئريسٽر ضمير گھمرو عدالت ۾ موقف پيش ڪندي چيو ته جيئن ارسا جو ڍانچو غيرقانوني آهي، ڇو ته ان جو وفاقي ميمبر سنڌ مان مقرر نه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اها پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي، جيڪو چوليستان ۽ ٿل ڪينال فيز II جي تعمير لاءِ جاري ڪيو ويو آهي. هن عدالت کي اپيل ڪئي ته ارسا پاران ڪينالن جي تعمير لاءِ جاري ڪيل پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ غيرقانوني قرار ڏئي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. بئريسٽر ضمير گھمرو اڄ جسٽس فيصل ڪمال جي سربراهيءَ ۾ قائم ڊويزن بئنچ آڏو دليل ڏيندي چيو ته ارسا جو وفاقي ميمبر اسجد امتياز علي، جيڪو سنڌ مان نه آهي، اهو غيرقانوني طور تي پنهنجي عهدي تي قابض آهي، ان کي فوري طور هٽايو وڃي. هن دليل ڏنو ته پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي، تنهنڪري ڪينالن جي تعمير فوري طور روڪڻ گهرجي.هن عدالت کي ياد ڏياريو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ارسا جو وفاقي ميمبر سنڌ مان هجڻ گهرجي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل 2021ع ۾ خارج ڪئي وئي هئي. باوجود ان جي، پنجاب مان غيرقانوني طور تي ميمبر مقرر ڪيو ويو، جيڪو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي آهي. ارسا جو ڍانچو غيرقانوني هجڻ سبب، اها پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو به اختيار نٿي رکي. هن نشاندهي ڪئي ته پوري سنڌ احتجاج ۾ آهي، بار ايسوسيئيشنز ٺهراءُ پاس ڪيا آهن، تنهنڪري ڪينالن جي تعمير کي روڪڻ گهرجي. عدالت وفاقي حڪومت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي، درخواست جي ٻڌڻي 7 اپريل تي صبح 11 وڳي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
