ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس بابت ڊي آءِ جي شرجيل کرل کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جمع ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ خالد رانجهاڻي ۽ گرفتار جوابدار رحيم شاهه جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت درخواستون اڪلائيندي ڊي آءِ جي شرجيل کرل کي حڪم ڏنو ته ڪيس جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.عدالت چيو ته ڪيس ۾ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺهي چڪي آهي، هاڻي جي آءِ ٽي جاچ ڪندي. ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ جي وڪيل اسد راشدي چيو ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ، جاچ آفيسر نه، جي آءِ ٽي ڪندي، جي آءِ ٽي کي ٻنهي ڪيسن جي جاچ ڪرڻي آهي، هڪ ڪيس قتل ۽ ٻيو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل آهي، مقتول جي ڀاءُ جي فريادت تي داخل ڪيس جي روشني ۾ جاچ ٿيندي.ياد رهي ته دادو سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي رحيم شاه ڦورو ڄاڻائي 6 فيبروري تي ڀينس ڪالوني ڪراچي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو هو.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں