اروند ڪيجڙيوال ضمانت منظور،آزاد ڪرڻ جو حڪم

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ شراب پاليسي ڪيس ۾ نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجڙيوال جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ شراب پاليسي ڪيس ۾ جاچ اداري سي بي آءِ پاران عام ماڻهو پارٽي جي اڳواڻ ۽ دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجڙيوال جي گرفتاري کي غير جواز قرار ڏيندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد وڏي وزير اروند ڪيجريوال کي 6 مهينن کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي.ڀارتي ميڊيا موجب عدالت مان ضمانت ملڻ باوجود وڏو وزير اروند ڪيجڙيوال ليفٽيننٽ گورنر جي اجازت کانسواءِ پنهنجي آفيس نه ٿو وڃي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن سرڪاري فائل تي صحيح ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو