واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار طارق فاطمي چيو آهي ته آمريڪا جي دوري دوران ٽرمپ انتظاميا سان جامع ملاقاتون ٿيون.طارق فاطمي چيو ته ٽرمپ انتظاميا سان اسان جون ملاقاتون جامع ۽ دوستانه هيون، ۽ خطي ۾ مشڪل حالتن ۾ پاڪ-آمريڪا تعاون بامعني هو.هن چيو ته نئين انتظاميا جي اچڻ ۽ وڃڻ سان ملڪن جا بنيادي مسئلا تبديل نه ٿيندا آهن. وزيراعظم پاڙيسري ملڪن سان بهترين اقتصادي تعاون چاهي ٿو. ايندڙ 3 کان 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جو امڪان آهي. سندس چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جا دهشتگردي خلاف اهم بيان سامهون آيا آهن. اسان آمريڪا تي اهو به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان ڪڏهن به دهشتگردي برداشت نه ڪنداسين.طارق فاطمي چيو ته پاڪستان تازو ئي آمريڪا کي گهربل هڪ اهم دهشتگرد کي گرفتار ڪيو آهي. آمريڪي صدر پاڪستان جي دهشتگرد کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جي قدم جي تعريف ڪئي. پاڪستاني عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
