ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر حيدري مارڪيٽ جو دورو ڪيو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي منعم ظفر چيو ته حيدري مارڪيٽ جي روڊن جي مرمت ڪئي وئي آهي ۽ سيوريج جا مسئلا حل ڪيا ويا آهن.هن چيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي مان ڪو ميئر هجي ها ته ڪراچي شهر جي صورتحال مختلف هجي ها. منعم ظفر چيو ته 9 شهرن ۾ تاريخي ۽ ترقياتي ڪم ڪيا ويا آهن.اهي اهو به چون ٿا ته جن تعليم کي تباهه ڪيو، انهن کي قومي اسيمبلي ۾ سيٽون ڏنيون ويون.
