اسان جو ڌيان هاڻي ايندڙ ميچ تي آهي، ڪين وليمسن

لاهور (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ڪين وليمسن چيو آهي ته اسان جو ڌيان هاڻي ايندڙ ميچ تي آهي، ٻيو ڪجهه ناهي، دبئي ۾ کيڏڻ جو تجربو اسان لاءِ سٺو رهيو.لاهور ۾ ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪين وليمسن چيو ته هتي وڏا اسڪورنگ ميچ ٿين ٿا ۽ اها اسان جي ڪوشش هئي، اسان کي هڪ وڏي پارٽنرشپ مان فائدو ٿيو. هن چيو ته اها هڪ سٺي پچ هئي پر ان کي سمجهه ۾ اچڻ ۾ وقت لڳو. ٻئي اننگز ۾ هتي حالتون ٿوريون مختلف هيون.ڪين وليمسن چيو ته دبئي جون حالتون مختلف آهن ۽ هر ٽورنامينٽ ۾ مختلف حالتن جو سامنا ڪرڻو پوندو آهي هن وڌيڪ چيو ته رچن رويندرا ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي،رچن رويندرا اعتماد سان بيٽنگ ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو