اسان جو ڪو به اسٽيڊيم عالمي معيار تي پورو نٿو لهي: نقوي

لاھور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته اسان جو ڪو به اسٽيڊيم عالمي معيار تي پورو نٿو لهي.چيئرمين پي سي بي محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم پهتو، عمارت جي تعميراتي منصوبي جو جائزو ورتو ۽ اپ گريڊيشن پلان بابت بريفنگ ڏني.محسن نقوي چيو ته هو پنهنجي راندين جي ميدانن کي دنيا جا بهترين اسٽيڊيم بڻائيندا، اسٽيڊيمز ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.هن چيو ته گذريل 10 ڏينهن کان مسلسل ڪم جاري آهي، چيمپئنز ٽرافي کان اڳ اسٽيڊيمز جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، ڪم تيزي سان جاري آهي.سندس چوڻ آهي ته ايف ڊبليو او جي ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، اهو هڪ چيلنج آهي، اميد آهي ته چيمپئنز ٽرافي کان اڳ ڪم مڪمل ڪيو وڃي، اسان سڪيورٽي ادارن سان باقاعده رابطي ۾ آهيون.چيئرمين پي سي بي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون راولپنڊي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڪرايون وينديون، 5 مهينن ۾ هدف حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، موسمي چئلينجن باوجود تعميراتي ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو