ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مان پاڪستان جي عوام کي تاريخي ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، هي اهو ڏينهن آهي جڏهن قائداعظم ۽ ٻين عظيم اڳواڻن برصغير جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ وطن جي خواب کي حقيقت بڻائڻ جو بنياد رکيو. 23 مارچ تي پاڪستان جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان انهن بيشمار قربانين جو نتيجو آهي جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن هڪ آزاد جمهوري رياست جي قيام لاءِ ڏنيون. اڄ اسان کي انهن عظيم شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي جن اسان جي ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.هن چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان کي درپيش چئلينجن خلاف متحد ٿيڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي. هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ، اسان سڀني لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجن اختلافن کان بالاتر ٿي متحد ٿيون.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سڀني کي قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪندي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
