اسان کان صبر ڪرڻ جي اميد رکڻ هڪ غير معقول درخواست آهي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر جي بنياد تي ايران کي پنهنجي سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جو حق حاصل آهي، ان ڪري ايران کان تحمل جي اميد رکڻ غير معقول درخواست آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪناني هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته غزه ۾ جنگبندي جو ايران جي جواب ۾ اسرائيل سان ڪو به تعلق ناهي، ايران غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي مسلسل آجيان ڪئي آهي، جنگ بندي هڪ عالمي مطالبو آهي ۽ 10 مهينا ٿي چڪا آهن هڪ ڊگهي وقت تائين وڃڻ بند ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو