اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان ڪيترو وقت تائين هڪ سافٽ رياست جي طرز تي بي پناهه جانيون قربان ڪندا رهنداسين؟ اسان ڪيستائين گورننس جي گيپس يعني حڪمراني جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ شهيدن جي رت سان ڀريندا رهنداسين؟. قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته ملڪ جي سلامتي کان وڏو ڪو به ايجنڊا ناهي، ڪا به تحريڪ ناهي ۽ ڪا به شخصيت ناهي. قومي سلامتي بابت گهرايل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پائيدار استحڪام لاءِ قومي طاقت جي سڀني عنصرن کي هڪجهڙائي سان ڪم ڪرڻو پوندو، هي جنگ اسان جي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا جي جنگ آهي. اسان کي بهتر حڪمراني ۽ رياستِ پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ طاقتور رياست بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمن کي اپيل آهي ته هو خوارج دهشتگردن طرفان اسلام جي مسخ ٿيل تشريح جو پردو چاڪ ڪن. جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هي ملڪ آهي ته اسان آهيون، تنهنڪري ملڪ جي سلامتي کان وڌيڪ اسان لاءِ ڪا به شيءِ اهم ناهي. پاڪستان جي تحفظ لاءِ سڀني کي هڪ آواز ٿي پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي هڪ مضبوط بيانيو اختيار ڪرڻو پوندو. جيڪي سمجھن ٿا ته هو دهشتگردن ذريعي پاڪستان کي ڪمزور ڪري سگھن ٿا، اڄ جي ڏينهن انهن لاءِ پيغام آهي ته اسان گڏجي نه رڳو انهن کي، پر انهن جي سمورن سهولتڪارن کي به ناڪام بڻائينداسين. آرمي چيف چيو ته اسان کي الله تعاليٰ تي مڪمل ڀروسو آهي، جيڪي به حالتون هجن، اسان ڪامياب ٿينداسين. ياد رهي ته قومي اسيمبلي ۾ قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت اهم سياسي ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. تحريڪ انصاف جا ميمبر اجلاس ۾ شامل نه ٿيا، پر خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور پنهنجي صوبي جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
