اسرائيلي اخبار عمران خان کي اسرائيل جو حمايتي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جي آرٽيڪل ۾ پي ٽي آءِ باني کي اسرائيل جو حمايتي قرار ڏنو ويو آهي.آرٽيڪل ۾ لکيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسرائيل مخالف بيان ڏيڻ جي باوجود اسرائيل سان بهتر لاڳاپن جا اشارا ڏيندو رهيو. عمران خان اسرائيل جي لاءِ هم خيال سياستدان آهن ۽ انهن جي چونڊن ۾ ڪاميابي پاڪ اسرائيل لاڳاپن جو نئين سري سان جائزو وٺڻ جو موقعو آهي.اسرائيلي اخبار جي آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل دوست پرڏيهي پاليسي جا اسٽريٽجڪ فائدا آهن پر پاڪستان جي فوجي اسٽيبلشمينٽ سان مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. فوجي اسٽيبلشمينٽ ڊگهي وقت تائين اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ کان روڪيو انهي لاءِ اسرائيل سان لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي موجوده سياسي قيادت کي تبديل ڪرڻو پوندو ڇو ته عمران خان اسرائيل جو حمايتي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادت جو مخالف آهي.آرٽيڪل موجب اسرائيل سان لاڳاپن ۾ عمران خان جو ڪردار اهم هوندو ڇو ته اهو عوامي راءِ ۽ فوجي پاليسي تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي وائٽ هائوس ۾ واپسي پاڪ اسرائيل لاڳاپن جي بحالي تيز ڪري سگهي ٿي ۽ ٽرمپ انتظاميه سفارتي معاشي فائدن کان پاڪستان جهڙن ملڪن جي حوصله افزائي ڪري سگهي ٿو.آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي مڃڻ سان پاڪستان کي اهم اقتصادي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا. اسرائيل سان لاڳاپن سان پاڪستان کي زراعت، سائبر سيڪيورٽي، دفاع ۽ مالي سرمائيڪاري جهڙا فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا.اسرائيلي اخبار ۾ ڇپجندڙ آرٽيڪل تي رد عمل ڏيندي پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته يروشلم پوسٽ عمران خان کي هم خيال شخص قرار ڏنو. عمران خان اسرائيل سان معمول جا لاڳاپا چاهيا ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته يروشلم پوسٽ جون ڳالهيون اکيون کولڻ واريون آهن ڇو ته انهي آرٽيڪل عمران خان جو تضادن سان ڀريل هر رخ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو