اسرائيلي يرغمالين جا لاش ملڻ کان پوءِ سوين فلسطيني آزاد

غزه(ويب ڊيسڪ) حماس پاران 4 يرغمالين جا لاش واپس ڪرڻ کان پوءِ اسرائيل سوين فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب جنگ بندي معاهدي تحت آزاد ڪيل اڪثر قيدي غزه جي يورپي اسپتال پهچي ويا آهن، جتي زخمين ۽ بيمارن کي طبي امداد ڏني ويندي، جڏهن ته ڪيترائي قيدي فلسطين جي اولهه ڪناري لاءِ بسن ۾ به پهتا.عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي قيد مان واپس آيل ڪيترن ئي قيدين جي حالت خراب هئي، ڪجهه جا عضوا غائب هئا (هٽائي ڇڏيا ويا)، جڏهن ته ٻين کي زخمن جي شدت جي ڪري ايمبولينس ۾ غزه منتقل ڪيو ويو.عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي اختيارين حماس پاران ڏنل لاشن جي سڃاڻپ تائين 24 ٻار قيدين جي آزادي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل 97 فلسطيني قيدين کي مصري اختيارين جي حوالي ڪندو، پر اڃا تائين وڌيڪ تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو