ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ پنهنجي ٽيم جي ڪپتان ڊيوڊ ٽيگر کي اسرائيل جي حمايت سبب ڪپتاني تان هٽائي ڇڏيو آهي.ڊيوڊ ٽئگر کي آڪٽوبر ۾ جيوش اچيور ايوارڊز ۾ رائزنگ اسٽار قرار ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽر پنهنجو ايوارڊ اسرائيل ۾ يهودي سپاهين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ اسرائيلي فوجين جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ آفريڪن بورڊ ان خلاف ڪارروائي ڪئي. ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا (سي ايس اي) سرڪاري طور تي جمعه تي ٽئگور جي برطرفي جو اعلان ڪيو، ممڪن احتجاج ۽ ٽورنامنٽ جي خطرن بابت خدشات جو حوالو ڏنو،اهو فيصلو غزه ۾ اسرائيل جي قدمن تي احتجاج دوران ڪيو ويو، هو رانديگر طور ٽيم ۾ رهندو جڏهن ته انڊر 19 ڪپتان جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو،پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ آفريڪا ۾ 19 جنوري کان شروع ٿيندڙ انڊر 19 ورلڊ ڪپ دوران احتجاج جو به امڪان آهي،ان کان علاوه ڏکڻ آفريڪا به فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن تي ملڪ جي وزيراعظم شروعاتي ٻڌڻي کي فخر جوڳو قرار ڏنو آهي،واضح رهي ته انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 19 جنوري کان ڏکڻ آفريڪا ۾ کيڏيو ويندو، پاڪستان انڊر 19 ٽيم گذريل رات ڏکڻ آفريڪا روانو ٿي وئي هئي.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو