اسرائيل جي غزهه شديد بمباري،22 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل لبنان ۽ غزه ۾ انڌاڌنڌ حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اتر غزا ۾ جباليا پناهگير ڪئمپ تي بمباري جي نتيجي ۾ 22 فلسطيني شهيد ٿي ويا.رپورٽن مطابق اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته اتر غزه ۾ بمباري ايتري ته شديد هئي جو زلزلي جا شديد لوڏا پڻ محسوس ڪيا ويا.ان کان علاوه اسرائيلي فورسز گذريل ٻن ڏينهن دوران ڏکڻ لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن فوج (UNIFIL) کي نشانو بڻايو.لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل جمعي جي ڏينهن 24 ڪلاڪن دوران ڪيترائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 60 ڄڻا مارجي ويا ۽ 168 زخمي ٿيا.لبنان ڪرائسس رسپانس موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيل 57 هوائي حملا ۽ شيلنگ ڪئي، جن مان اڪثر حملا ڏکڻ لبنان ۾ ڪيا ويا.ان کان علاوه عراق جي هٿياربند گروپ چيو آهي ته اتر اسرائيل ۾ ڊرون حملا ڪندي اتر اسرائيل ۾ اهم هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته گولان جي چوٽين تي به حملا ڪيا ويا، پر حملن جا تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو