اسرائيل رڳوفلسطين نه پر پوري خطي لاءِ خطرو آهي : حزب الله

بيروت (ويب ڊيسڪ)حزب الله جي نائب سربراهه ۽ جنرل سيڪريٽري نعيم قاسم چيو آهي ته اسرائيل صرف فلسطين لاءِ نه پر سموري خطي لاءِ خطرو آهي، يهودي حڪومت نسل ڪشي جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. بيروت ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرائيل کي سمورن ڏوهن ۾ امريڪا جي حمايت حاصل آهي، اسرائيل سڀني عرب رياستن کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پنهنجي سرزمين تان قبضو ڪندڙڻ کي ڀڄائڻ لاءِ فلسطينين کي هر قسم جي جدوجهد جو حق حاصل آهي، حزب الله جي ويڙهه کي فلسطين جي ويڙهه کان الڳ نٿو ڪري سگھجي. هن چيو ته اسرائيل ۽ ان جا حامي کليل نموني قتل عام ۽ نسل ڪشي ڪري رهيا آهن، ان کي روڪڻ ضروري بڻجي ويو آهي، اسرائيل جي خلاف جنگ کٽڻ جي اسان جي اميد جي ڪا حد ناهي. نعيم قاسم وڌيڪ چيو ته ايران فلسطينين جي هر ممڪن سهڪار کي پنهنجي لاءِ فخر جو باعث بڻائي ٿو، اسرائيل سمورن عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري شهري آبادي تي بمباري ڪري رهيو آهي. گذريل ٻن هفتن دوران اسرائيل تمام سخت جواب ڏنو آهي، سندن ميزائل اسرائيل جي هر علائقي تائين پهچڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو