اسرائيل غزه سان گڏ لبنان تي به ٻيهر حملا شروع ڪري ڇڏيا

بيروت(ويب ڊيسڪ)اسرائيل پاران غزه سان گڏ لبنان تي به ٻيهر حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج لبنان جي مختلف علائقن تي لڳ ڀڳ 15 حملن ڪيا آهن، جن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 8 زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته لبنان تي حملن جو سلسلو ختم ناهي ٿيو، ايندڙ ڪلاڪن ۾ وڌيڪ حملا ڪيا ويندا. اسرائيلي ميڊيا موجب، اڄ صبح لبنان مان اسرائيل تي ٽي راڪٽ فائر ڪيا ويا، جڏهن ته اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته راڪٽ حملي کي ناڪام بڻايو ويو. حزب الله اسرائيلي حملن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل تي راڪٽ حملن ۾ حزب الله جو ڪو به هٿ ناهي، ۽ لبنان ۾ جنگبندي معاهدي تي مڪمل عمل ڪيو پيو وڃي. حزب الله جو چوڻ آهي ته اسرائيل راڪٽ حملن جو بهانو بڻائي لبنان تي ٻيهر جنگ مڙهڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف، غزه ۾ بمباري سبب 48 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 130 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پنجن ڏينهن ۾ شهيدن جو انگ 630 کان وڌي ويو آهي. اسرائيلي بمباري سبب هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ فلسطيني ٻيهر بي گهر ٿي ويا آهن. اقوام متحده جي انساني معاملن واري ايجنسي غزه جي خراب ترين انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي امداد جي فوري بحالي جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو