اسرائيل ۽ ڀارت پاران ڀڃڪڙيون عالمي امن لاءِ خطرو آهن: صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جو قتل عام ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن. امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ دنيا مختلف شعبن ۾ جيو-سياسي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ کي منهن ڏئي رهي آهي. جيئن تڪرار عالمي امن کي خطرو بڻائي ٿو، اسان سڀني کي قومن جي وچ ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي ثقافت کي فروغ ڏيڻو پوندو.هن چيو ته اسرائيل فلسطين ۾ دهشتگردي جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، اسرائيل غزه ۾ هزارين ماڻهن کي شهيد ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي هندستان ۾ ٻيون اقليتون مسلمانن جي بنيادي حقن کان محروم آهن. پاڪستان جي صدر چيو ته عالمي قانونن ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن. اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي اولين ترجيح تڪرارن بدران انسانيت کي درپيش مسئلن جو حل هئڻ گهرجي، غربت، بک، بدحالي، ناانصافي، ظلم جهڙين مسئلن جي حل ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دنيا امن کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهي، جنگين ۽ تڪرارن سان عوام جون مشڪلاتون ۽ تڪليفون وڌيون آهن.اچو ته امن، رواداري ۽ انساني وقار کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، اسان گڏجي هڪ پرامن مستقبل ۽ هڪ بهتر دنيا ٺاهي سگهون ٿا، جتي اسان جا ايندڙ نسل امن ۽ هم آهنگي ۾ رهن

پهنجو تبصرو موڪليو