اسرائيل ۾ اسلامي دور جي خالص سون جا سڪا دريافت

يروشلم(ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۾ هڪ آرڪيالاجي واري سائيٽ تي کوٽائي دوران 1100 سال پراڻا خالص سون جا سڪا دريافت ٿيا آهن. هي سڪا تمام بهترين حالت ۾ آهن ۽ هي عباسي خلافت ۽ بازنٽائن ايمپائر جي دور جا سڪا آهن. اسرائيل جي ائنٽيڪئيٽيز اٿارٽي جاري ڪيل بيان ۾ بڌايو آهي ته ٻن نوجوان رضا ڪارن کوٽائي دوران 425 اهي سڪا لڌا جيڪو تمام زبردست قديم خزانو آهي. اسرائيلي حڪومت سائيٽ بابت معلومات ظاهر ناهي ڪئي ته اها ڪهڙي جاءِ تي واقع آهي. سڀني سڪن جو وزن 845 گرام آهي ۽ نائين صدي جي آخر ۾ ڪنهن مالدار ماڻهو شايد ان نيت سان پوريا هئا ته هو وري کڻي وٺندو. ان دور ۾ هي ايتري ماليت جا سڪا هئا جو مصر جي گادي واري تڏهوڪي شهر ۾ عاليشان محل خريد ڪري سگهجي پيو. عباسي خلافت جيڪا فارس کان اتر آفريڪا تائين ڦهليل هئي، ان جي راڄڌاني بغداد ۾ هئي. ڪجهه سڪن تي بازنٽائن ايمپائر جي بادشاهه ٿيوفيلوس جي تصوير به اڪريل آهي.

Photo courtesy Israeli Antiquities Authority (IAA)

اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته اهڙا سڪا اڄ تائين ڪٿي نه مليا آهن ۽ انهن جي وڌيڪ تحقيق سان تاريخ جي مطتلف پهلوئن کي اجاگر ڪري سگهبو.

پهنجو تبصرو موڪليو