اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پنهنجي منفرد انداز سبب مشهور اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو. گذريل مهيني ڪراچي ۾ هاظم بنگوار کي عهدي تان هٽايو ويو هو ۽ کيس سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. پر هاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ جي آفيس مان 28 آڪٽوبر جي حڪم نامي جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. واضح رهي ته هاظم بنگوار کي ڪمشنر آفيس جي رهائشگاهه آفيسرن کان خالي ڪرائڻ تي معطل ڪيو ويو هو. هاظم بنگوار فيشن ڊيزائننگ ۾ بيچلرز جي ڊگري پڻ ڪئي آهي، سندس ماءُ جو واسطو عراق سان آهي ۽ سندس پيءُ ڊي آءِ جي پوليس رهي چڪو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو