اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جو جلسو وقت تي ختم نه ڪرڻ پوليس تي پٿراءُ ۽ روٽ جي ڀڃڪڙي تي منتظمين جي خلاف 3 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.رپورٽ موجب پرامن اجتماع ۽ امن امان جي بل تحت پهريان 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي پي ٽي آءِ قيادت جي خلاف داخل ٿيل آهن. پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جلسي جي منتظمن خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پهريون ڪيس سنگجاڻي ٿاڻي ۾ جلسي جي مقرر وقت جي پاسداري نه ڪرڻ تي داخل ڪيو ويو. ٻيو ڪيس سمبل ٿاڻي ۾ مقرر روٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي قافلا سادات ڪالوني ۽ سري نگر هاءِ وي تان آڻڻ تي داخل ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب اهي طرح ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب اهڙي طرح ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي پوليس استغاثه تيار ڪري ورتو آهي ڪيسن ۾ زرتاج گل، عامر مغل، شعيب شاهين، عمر ايوب، سيمابينه طاهر ۽ راجا بشاورت سميت 28 مقامي اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. استغاثه موجب پوليس روٽ جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪيو جنهن تي ڪارڪنن طرفان پٿرن ۽ ڏنڊن سان پوليس تي حملو ڪيو ويو پوليس شيلنگ ڪئي ۽ موقعي تان 17 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري
پاڪ آمريڪا لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن: جوبائيڊن