ڪراچي(ويب ديسڪ) پي ايس ايل جي ڏهين ميچ ۾ پشاور زلمي 6 وڪيٽن تان اسلام آباد کي شڪست ڏئي ڇڏي. زلمي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته هن ،مهل تائين ٽاس کٽندڙ ٽيم ميچ پئي کٽي. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ايلڪس هيلز ۽ آئرش پليئر پال اسٽرلنگ اننگ شروع ڪئي ته وهاب رياض جي پهرين ئي اوور ۾ پال انسائيڊ ايج سبب بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد فل سالٽ ۽ هيلز اسڪور اڳتي وڌايو. فل سالٽ کي 9 رنز تي ثاقب بولڊ ڪيو.جنهن بعد فهيم اشرف آيو، 5 اوورز ۾ 41 تي 2 آئوٽ هئا. پشاور زلمي هڪ تبديلي ڪندي اميد آصف کي کيڏايو جنهن پهرين اوور جي ٻئي بال تي فهيم اشرف کي ڪيچ ڪرايو. ڪپتان شاداب بيٽنگ لاءِ آيو پر هو به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ رن آئوٽ ٿي ويو.
ان بعد حسين طلعت چوڪو لڳائي کاتو کوليو، زلمي جا بالر اسلام آباد جي اسٽرانگ بيٽنگ لائن کي ننڍي اسڪور تائين محدود ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هيلز به 41 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو. حسين طلعت به وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو، آصف علي ۽ ٻيا به محطاط انداز ۾ کيڏندا رهيا. آصف 19 تي وهاب جي بال تي ڪيچ ٿيو.
16 اوورز ۾ 116 تي 8 آئوٽ ٿي چڪا هئا. حسن علي کي سترهين اوور ۾ وهاب ايل بي ڊبليو ڪيو. اسلام آباد جي سڄي ٽيم 17.1 اوورز م 118 تي آئوٽ ٿي وئي. پشاور جي شروعات به ڀلي نه ٿي ۽ ٻئي اوپنر ڪامران اڪمل ۽ امام الحق جلد آئوٽ ٿي ويا، امام الحق پهرين اوور ۾ حسن علي جي بال تي بنا رن ٺاهي ڪيچ ٿيو، ٻئي اوورڪامران کي 6 مجموعي اسڪور تي وسيم ايل بي ڊبليو ڪيوهن 3 رنز ٺاهيون. ڪوهلر ۽ شعيب ملڪ ڪيريز تي هئا ته پاور پلي جا 6 اوور ختم ٿيڻ تي 26 رنز تي 2 آئوٽ هئا. ايئن پيو لڳي ڄڻ جواري ميچ ڪنٽرول ڪري رهيا آهن. پشاور وارن اسلام آباد جو لحاظ رکيو ۽ 17.1 اوورز ۾ 122 رنز ٺاهي ميچ 6 وڪيٽن تان کٽي ويا. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۽ زلمي جي ملي ڀڳت آهي ۽ هو هڪٻئي کي سپورٽ ڪري رهيا آهن.