اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين، عدليا تي حملو ٿيو ته اسين سڀ گڏ بيهنداسين، اهڙو مڪينزم ڏينداسين جيئن آئنده ڪو عدالتي معاملن ۾ مداخل نه ڪري سگهي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن واري خط م چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي دانهن ڏني هنن ڪجهه نه ڪيو. جسٽس عيسيٰ چيو ته اسين اهڙو مڪينزم ڏينداسين جنهن ۾ سول جج، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي دانهن نه ٻڌڻ تي ڪاروائي ٿيندي. هاءِ ڪورٽ وٽ توهين عدالت جي ڪاروائي جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو مان ذميوار نه آهيان. اسين ماضي جي غلطين کي ٺيڪ ڪريون پيا ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي سان ٿيل نا انصافي جو ازالو ڪيو. چيف جسٽس چيو ته آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، سپريم ڪورٽ تحقيقاتي فورم ناهي، ججن جي الزامن جي جاچ لاءِ جسٽس جيلاني جي سربراهي ۾ ڪميشن اسان ٺهرايو. ڇا ايف آءِ اي، نيب ۽ پوليس کان جانچ ڪرايون؟ جسٽ عيسيٰ چيو ته مونکي حيرت آهي ته ته وڪيل چون ٿا ته ته سپريم ڪورٽ از خود ڪاروائي ڪري؟ ڇا هنن کي قانون جي خبر ناهي؟ 300 وڪيلن جي خط تي ڪنهن جي صحيح ئي ناهي، رڳو نالا لکيل آهن. چيف جسٽس ۽ جسٽس منصور علي شاهه، سپريم ڪورٽ بار جي صدر، اٽارني جنرل ۽ وڪيل تنظيمن کي چيو ته هو عدليا ۾ مداخلت روڪڻ بابت تجويزون پيش ڪن. چيف جسٽس چيو ته اسين سڀني ججن کي آن بورڊ وٺي هي معاملو نمٽائينداسين. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته هي اهم موقعو آهي ته اسين عدليا ۾ مداخلت جو هميشو لاءِ خاتمو ڪريون ۽ طريقو ڪار واضح ڪريون. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه جج لاهور ۽ ڪجهه ڪراچي ۾ آهن عيد کانپوءِ هن مهيني جي آخر تائين اسين صلاح ڪري ڪيس روزانو جو بنياد تي ٻڌي معاملو نمٽائينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي شروع ٿي وئي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته دنيا اسان ڏانهن آڱريون کڻي رهي آهي، اسان کي پاڻ تي آڱريون کڻڻ گهرجن، اهي ڏينهن ويا جڏهن چيف جسٽس وٽ ڪيس حل ڪرڻ جو اختيار هو، مان ڪنهن تي آڱريون نه ٿو اٿاريان. مان ٻين ڏانهن آڱريون کڻندو آهيان، پاڻ ڏانهن ڏسڻ کان بهتر آهي ته کڻڻ کان، هن چيو ته وڪيل چئي رهيا آهن ته سوموٽو وٺو، اهي وڪيل پريڪٽس ڇڏي وڃن، چيف جسٽس ڪنهن تي آڱر به نه اٿاري.
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي بعد وري مندي، انڊيڪس 2000 پوائنٽن جو اضافو
توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جا روبڪاري جاري
اظهر علي يوٿ ڊولپمينٽ جو سربراهه مقرر
گوادر هوائي اڏو افتتاح بعد به اڃا فنڪشنل نه سگهيو، وزير جي ڪاوڙ
شام تي اسرائيلي فوج جو حملو، 79 ايران نواز ويڙهاڪ مارجي ويا
سنڌيار سکر 22 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 22 نومبر 2024ع
سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ بند ڪيو
احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جو حڪم، پي ٽي آءِ قيادت سان رابطي جي هدايت
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 42 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي
ڳالهيون نه پيون ٿين، احتجاج لاءِ جيڪو ايندو گرفتار ٿيندو: نقوي
عالمي عدالت پاران نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ، يورپي يونين جي حمايت