اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن جي اچڻ کانپوءِ وڏي پئماني تي انتظامي ڦيرڦار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوان ججن اچڻ بعد وڏي پئماني تي انتظامي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي منظوري سان آفيس آرڊر جاري ڪيو ويو، جنهن موجب جسٽس محسن اختر ڪياني کي هٽائي، جسٽس سرفراز ڊوگر کي دهشتگردي ٽوڙ (اي ٽي سي) ۽ احتساب عدالتن جو انتظامي جج مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جسٽس محسن اختر ڪياني اي ٽي سي ۽ احتساب عدالتن جو انتظامي جج هو. آفيس آرڊر موجب، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي جاءِ تي جسٽس اعظم خان کي ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ويسٽ جو انتظامي جج مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جسٽس ارباب محمد طاهر کي ايف آءِ اي ڪورٽس جو انتظامي جج بڻايو ويو. ان کانسواءِ جسٽس ثمن رفعت امتياز کي بئنڪنگ ڪورٽس جو انتظامي جج مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس راجا انعام امين منهاس کي سيشن ڪورٽس ايسٽ جو انتظامي جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو