لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا گليڊيئٽر ملتان جيان تاحال ناقابل شڪست رهندي لڳاتار ٽئين فتح حاصل ڪري ورتي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. محمد عامر 5 بالن تي 10 رنسون ٺاهي وننگ اسٽروڪ کيڏي ميچ کٽي ورتي، 10 بال باقي هئا. ڪوئٽا جي 17 جي مجموعي اسڪور تي سعود شڪيل 6 بالن تي 2 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي ايل بي دبليو ٿي ويو. جنهن بعد خواجا نافع ون ڊائون آيو ۽ جيسن راءِ سان گڏجي اسڪور اڳتي وڌايو پر خواجا نافع 9 رنسون ٺاهي رومان رئيس جي بال تي بولڊ ٿي ويو. ڪپتان رائيلي روسو آيو. ستين اوور ۾ نسيم شاهه جي ننڍي ڀاءُ حنين شاهه 51 جي مجومعي اسڪور تي جيسن راءِ کي بولڊ ڪيو. جيسن راءِ هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 17 بالن تي 37 رنسون ٺاهيون ته بال سندس بيٽ کي لڳڻ بعد وڪيٽن ۾ لڳو. اٺين اوور ۾ ڪپتان شاداب سرفراز کي ايل بي ڊبليو ڪري ڪوئٽا جون ٽاپ آرڊر جون 4 وڪيٽون ڪيرائي ميچ ڦاسائي ڇڏيو. 116 جي مجموعي اسڪور تي شرفين ردرفورڊ ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 23 بالن تي 29 رنز ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي بولڊ ٿيو، عقيل حسين 2 بالن تي 8 رنسون ٺاهي ڪولن منرو جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. محمد وسيم کي هڪ رن ٺاهن بعد شاداب بولڊ ڪيو، محمد عامر آيو 15 بالن تي 10 رنزز گهربل هيون، عامر شاداب کي چوڪو هنيو ۽ سنگل ورتي. ٻن اوورز ۾ 5 رنز گهربل هيون. ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ سيزن 9 جي اٺين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي ڪاميابي لاءِ 139 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان رائيلي روسو ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. يونائيٽيڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 138 رنسون ٺاهيون، سلمان آغا 33 رنسن سان تاپ اسڪورر رهيو، ايلڪس هيل 21، فهيم اشرف، ڪولن منرو 20، 20 ۽ جورڊن ڪاڪس 19 رنسون ٺاهيون. عماد وسيم 9، شاداب خان 2 ۽ اعظم خان 1 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته اڄ ٻئي ٽيمون پنهنجو ٽيون ٽيون ميچ کيڏي رهيون آهن. ان کان اڳ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پنهنجي ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ هڪ ميچ هارائي هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل